اين اي 4 جي ننڍي چونڊ ۾ 100 اليڪٽرونڪ مشينون استعمال ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد( بيورو ) اليڪشن ڪميشن ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشينون پشاور جي ننڍي چونڊ ۾ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان جي صدارت ۾ عام چونڊن 2018ع جي تيارين جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايندڙ چونڊن جي حڪمت عملي ۽ بيلٽ پيپرز جي گهربل تعداد ۾ ڇپائي سميت ٻين چونڊن جي معاملن جو جائزو ورتو ويو.عام چونڊن ۾ جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال کي نظر ۾ رکندي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرونڪ ووٽنگ  مشينون استعمال ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 26 آڪٽوبر تي شيڊول اين اي 4 پشاور جي ننڍي چونڊ ۾ تجرباتي بنيادن تي اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشينن جي مشق ڪئي ويندي. چونڊن ۾ 100 اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو تجربو ڪيو ويندو، تجرباتي بنيادن تي استعمال جا نتيجن تي اثر نه پوندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عام چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشنن جو تعداد پڻ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *