اسلام آباد (بيورو): سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته منهنجو وزيراعظم کي مشورو آهي ته نائب آمريڪي صدر سان ملاقات نه ڪري، اهو پاڪستان جي توهين جي برابر آهي ته ٽرمپ پاڪستان جي وزيراعظم سان نه ملي، وزيراعظم پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ ۾ موجود آهي، جتي مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون به طئي آهن، سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته خبرن ۾ آيو آهي ته وزيراعظم نائب آمريڪي صدر سان ملاقات ڪندو، صدر ٽرمپ وزيراعظم پاڪستان سان نه ملي رهيو آهي ته اهو نائب آمريڪي صدر سان نه ملي، وزيراعظم کي چئي ڇڏڻ گهرجي جيڪڏهن ٽرمپ وٽ وقت ناهي ته اسان وٽ به ناهي، پاڪستان جي زمين ۽ فضائي رستي کان آمريڪي سپلائي افغانستان وڃي رهي آهي، پاڪستان خطي ۾ دهشتگردي خلاف اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سينيٽ چيئرمين جنيوا ۾ آزاد بلوچستان جي پوسٽرز جي معاملي تي پرڏيهي وزارت طرفان کنيل قدمن تي سڀاڻي جواب طلب ڪري ورتو، رضا رباني جو چوڻ آهي ته آزاد بلوچستان جا پوسٽر لڳائڻ جو معاملو تمام گهڻو سنجيده آهي، جنيوا ۾ آزاد بلوچستان جا پوسٽرز سامهون آيا آهن، بي ايل اي جنيوا ۾ ٽيڪسين، بسن، رستن تي پوسٽرز لڳايا، اولهه اسان تي الزام لڳائي رهيو آهي، پاڪستان حڪومت ان معاملي تي سوئس حڪومت سان ڪهڙي ڳالهه ڪئي آهي؟، پرڏيهي وزارت ان بابت قدمن تي سڀاڻي سينيٽ ۾ پاليسي بيان ڏئي.