اسلام آباد (بيورو): مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي جعلي آرڊيننس بابت جاچ ڪميٽي بڻائي وئي آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ميڊيا نمائندن کان درخواست آهي ته بنا تصديق ڪا خبر شايع يا نشر نه ڪن، هن چيو ته قانون واري وزارت جي اجازت بنا ڪو به نئون قانون نٿو بڻائي سگهجي، هن چيو ته جمهوري دور ۾ ڪو به قانون لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ نٿو بڻائي سگهجي، معلومات تائين آسان پهچ بابت بل کي قانوني شڪل جا قدم عمل هيٺ آهن، هن چيو ته فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ملي وئي آهي، هن چيو ته هڪ قانون معلومات تائين پهچ، ٻيو صحافين جي سڪيورٽي بابت آهي، سڌ سماءَ واري وزارت ٻن قانونن تي ڪم ڪري رهي آهي، صحافين جي حقن جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي.