ڪراچي) هه آ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ صنعت واري صوبائي وزير منظور حسين وساڻ اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي جاءِ مريم نواز وٺندي. نواز ليگ جي اين اي 120 تي ڪاميابي حاصل ڪندڙ ووٽ خوش ٿيڻ لاءِ ڪافي ناهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شهباز شريف ۽ نواز شريف جي ويڙهه ڪا نئين ڳالهه نه آهي. شهباز شريف نواز شريف کان علاوه ڪنهن ٻئي کي برداشت نٿو ڪري سگهي. پارٽي کي اڳتي آڻڻ خاطر شهباز شريف مريم نواز کي پارٽي قيادت ملڻ تي قبول ڪندو. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن هڪ جماعت جي نه پر گڏيل حڪومت هوندي. نواز شريف کي وطن واپس اچڻ ۾ وقت لڳندو. ٻاهر ويندڙ ڪڏهن واپس موٽي ناهن آيا. ڪنهن هڪ شخص جو نه پر نواز شريف کان پوءِ احتساب سڀن جو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ چونڊن ن ليگ ۽ پي ٽي آئي جي حڪومت نه ايندي. سياستدانن جي لاءِ ملڪ ۾ خطري جي گهنٽي وڄندي ڏسي رهيو آهيان.