ڏوڪري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار پاران حددخلين کي هٽائڻ لاءِ آپريشن جاري

ڏوڪري(رپورٽ؛ ربنواز کوسو) ڏوڪري ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار پاران حددخلين کي هٽائڻ لاءِ آپريشن جاري، شهر مان ڪيترن ئي وڌايل دڪانن، دڪن ۽ ڇاپرن کي ڪرين جي مدد سان ڊاهيو ويو .شهرين پاران ڀڄ ڊاهه تي ڪاوڙ جو اظهار چيمبر آف ڪامرس ٽائون ڪاميٽي چئيرمين صحافين جي اسٽنٽ ڪمشنر سان اجلاس معاملا طئي ٿي ويا،تفصيل موجب ڏوڪري ۾ حددخلين جو آزار وڌي وڃڻ ڪري ۽ ٽريفڪ جي آزار بعد اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالمجيد زھراڻي ۽ مختيار ڪار انيس الرحمان ٻرڙو شهر مان حددخلين خلاف  آپريشن ڪيو ويوان ڏس مختيار ڪار انيس رحمان ٻرڙو ڀٽائي بازار، گرلز ڪاليج ، مين بازار، ريشم گلي سميت مختلف بازارن ۾ دوڪانن آڏو وڌايل دڪا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. جڏهن ته شهر اندر ڪرين ذريعي ٿيندڙ ڀڄ ڊاهه تي دوڪاندار جا هجوم گڏ ٿي وياسخت گسي ڪاوڙ جو اظهار ان سلسلي ۾ چيمبر آف ڪامرس ڏوڪري جو سينئير نائب صدر همٿ علي جتوئي اڳوڻو چيمبر آف ڪمارس جو صدر علي بخش ميتلو، چئير مين ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري لياقت علي سومرو، وائس چئير مين بخشل گلال امتياز ڪولاچي صحافي ايم رمضان جو ڻيجو عبدالجبار ميمڻ اسٽنٽ ڪمشر ڏوڪري عبدالمجيد زهراني مختيارڪار انيس الرحمان ٻرڙو سان ٻن ڪلاڪن جي اجلاس  بعد حد دخليون ڊاهڻ جو طريقيقار طئي ڪيو . ان موقعي تي مختيار ڪار انيس رحمان ٻرڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪاشف حسين ٽيپو جي حڪم تي ڏوڪري شهر مان بنا فرق جي ڪارروائي ڪندي حددخلين کي هٽائي رهيا آهيون. هن چيو ته آپريشن غير جانبدار آهي ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو. آپريشن جاري رهندو ھوڏانھن شھرين خدشو ظاھر ڪندي چيو ته ڏوڪري ۾ حددخلين خلاف ھلندڙ آپريشن صرف غريب بي پھچ ماڻهن خلاف ڪيو پيو پر امير ماڻهن سان رعايتون ڪيون پيون وڃن جيڪا غريب ماڻھن سان ناانصافي آهي جيڪا ھرگز برداشت نه ڪئي ويندي، ان موق عي تي ٽائون ڪاميٽي چئير مين لياقت سومرو چيمبر آف ڪامرس جو اڳوڻو صدر علي بخش ميتلو همٿ جتوئي ۽ ٻين چيو ته شهرين جي بچاءَ ۽ حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي ۽ ڪنهن سان به نا جائزي ڪرڻ نه ڏبي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *