روهڙي سيمينٽ فيڪٽريءَ ۾ ڌماڪو، رينجرز اهلڪار سميت 4 ڄڻا شهيد،وڏي وزير نوٽيس ورتو

ڪراچي/سکر( بيورو/پ ر ) سکر  ويجهو روهڙي سيمينٽ فيڪٽري ۾ بارودي مواد ڦاٽڻ سبب بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي ٻن اهلڪار ۽ هڪ رينجرز اهلڪار سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ، جڏهن ته 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا. روهڙي سيمينٽ فيڪٽري ۾ بارودي مواد جي اطلاع تي  بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملي پهچي مواد ناڪاره بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. بارودي مواد ناڪاره بڻائڻ دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جا 2 اهلڪار، هڪ رينجرز اهلڪار ۽ هڪ فيڪٽري ملازم مارجي ويا، جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا. فوتين جا مڙهه  ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ڌماڪي بعد علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو آهي جڏهن ته وڏي انگ ۾ سيڪورٽي اهلڪ ڪارخاني ۾ پهچي چڪا آهن. هوڏانهن  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روهڙي سمينٽ فيڪٽريءَ ۾ ٿيل ڌماڪي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي انسپيڪٽر جنرل پوليس کي ان واقعي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندن فوري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کان ڪجهه بنيادي سوال پڇا ڪندي چيو ته فيڪٽريءَ ۾ گولا بارود ڇو رکيو ويو هو؟ جيڪڏهن گولا بارود ڪريشنگ مقصدن لاءِ رکيو ويو هو ته اهڙي سنگين صورتحال ڇو پيدا ٿي جو فيڪٽري انتظاميا کي اهو ڊيفيوز ڪرڻ لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي گهرائڻو پيو؟ ۽ ڇا فيڪٽري انتظاميا ايتري وڏي مقدار ۾ گولا بارود رکڻ جي مجاز هئي؟ ۽ انهن وٽ اسٽوريج جي سهولت هئي يا نه؟. هن چيو ته اها جاچ سندن اٿاريل سوالن جي جواب ۾ ڪئي وڃي. هن چيو ته هُو اهو به ڄاڻڻ چاهي ٿو ته بم ڊسپوزل جي ميمبرن سکيا ورتي هئي يا نه؟ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي پرنسپل سيڪريٽريءَ سهيل راجپوت کي هدايت ڪئي ته هُو ڊويزنل انتظاميا سکر سان رابطو ڪري ۽ جيڪڏهن زخمين کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته سندن هيليڪاپٽر ۽ ايئر ايمبيولينس جو بندوبست ڪيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن کي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي پاڪستان نيوي جو اي ٽي آر سکر پهچي ويو، جيڪو زخمين کي ڪراچي منتقل ڪندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيڪريٽري صحت ۽ ڪمشنر ڪراچيءَ کي سکر ڌماڪي جي زخمين کي علاج معالج جون بهترين طبي سهولتون مهيا ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *