ينگون( م ڊ ) برما جي اڳواڻ آنگ سانگ سوچي چيو آهي ته پنهنجي حڪومت جي روهنگيا بحران کي منهن ڏيڻ تي عالمي جاچ پڙتال جو کيس ڪو به خوف ناهي، گهڻي قدر مسلمانن صوبي مان لڏپلاڻ نه ڪئي آهي، جڏهن ته تشدد بند ٿي چڪو آهي.اتر رخائن صوبي ۾ هلندڙ بحران تي پنهنجي پهرين خطاب ۾ آنگ سانگ سوچي چيو ته مان خطاب تنهن ڪري پئي ڪيان جو هلندڙ هفتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري رهي آهيان. هن چيو ته عالمي برادري کي خبر هئڻ گهرجي ته سندس حڪومت حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان انساني حقن جي سورين ڀڃڪڙين جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته جيڪو به ملوث هجي تنهن کي سزا ملڻ گهرجي. آنگ سانگ سوچي چيو ته رخائن ۾ گهڻي قدر مسلمان ڳوٺ موجود آهن، هر شخص گهر نه ڇڏيا آهن، اسان عالمي برادري کي هتي اچڻ جي دعوت ڏني آهي. هن چيو ته رخائن ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته اهو ڇو ٿيو آهي، ان بابت لڏپلاڻ ڪندڙن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. سندس چوڻ هو ته رخائن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو تنهن جو برما کي احساس آهي، اسان بنگلاديش ويندڙ مسلمانن بابت فڪر مند آهيون. آنگ سانگ سوچي چيو ته امن ۽ سلامتي اهڙيون شيون آهن جيڪي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان 70 سال جدوجهد ڪئي آهي، اسان قانون جي حڪمراني ۽ امن جي بحالي لاءِ پرعزم آهيون. هن اعتراف ڪيو ته برما هڪ ڳنڀير ملڪ آهي، ماڻهو اميد ڪن ٿا ته اسان سڀ کان گهٽ وقت ۾ سمورن چئلينجن کي منهن ڏئي وٺنداسين، اسان بحران کي حل ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني بحال ڪرڻ لاءِ هڪ مرڪزي ڪميٽي جوڙي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان گڏيل قومن جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان کي رولڙي جو شڪار مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيل ڪميشن جي قيادت لاءِ گهرايو آهي. آنگ سانگ سوچي چيو ته جيڪو برما واپس اچڻ چاهي ٿو تن لاءِ اسان پناهگير سڃاڻپ ڪارڊ شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان مذهب ۽ نسل جي نالي تي برما کي ورهائجندي نه ٿا ڏسي سگهون.