پي ٽي آءِ نگران جج کان شريف خاندان کي هفتي جي مهلت ڏيڻ بابت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
September 20, 2017 at 9:09 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد( م ڊ ) تحريڪ انصاف جي قانوني ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ ڪيتريون ئي شاهديون آهن ۽ شريف خاندان اهي نظرانداز ڪري رهيو آهي، نيب ۾ غير حاضري جي سزا 3 سال قيد آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته شريف خاندان پنهنجي معاملن جو جواب ڏيڻ نه ٿو چاهي، آصف ڪرماني آرام سان عدالت کي ٻڌائي ڇڏيو ته نواز شريف جي لنڊن جي پتي بابت کيس ڄاڻ ناهي.هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ٻيو ملڪ هجي ها ته سينيٽ ميمبر جي جرئت نه هجي ها ته عدالت سامهون ڪوڙ ڳالهائي ها، سموري ملڪ کي ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ۾ شريف خاندان جي فليٽن بابت ڄاڻ آهي. سندس چوڻ هو ته آصف ڪرماني جي ڪوڙ تي جج کي به نوٽيس وٺڻ گهرجي ها. فواد چوڌري چيو ته احتساب ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جو مانيٽرنگ جج جسٽس اعجاز الحسن نوٽيس وٺي ته ڪهڙي نموني ڪوڙ هنيو ويو، ڪوڙ کي نظرانداز ڪري ستن ڏينهن جي مهلت ڇو ڏني وئي، هڪ هفتي بعد ٻڌڻي جي تاريخ ڏيڻ عجيب ڳالهه آهي، روزاني بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ڇو ته ڪنهن جي پيءَ جا پئسا نه آهن پر پاڪستان جو پئسو آهي. هن چيو ته عائشه گلالئي جون ڳالهيون غير سنجيده آهن، سندس ڪابه حيثيت ناهي، هوءَ سيٽ ڇڏي ٻيهر چونڊ وڙهي ڏيکاري ته خبر پئجي ويندي.