ڪراچي(هه آ) محرم الحرام دوران امان ۽ امان جي قيام ۽ مذهبي هم آهنگي کي برقرار رکڻ ۽ فرقيواريت تصادم کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي گهرو کاتي ضابطه اخلاق جاري ڪيو آهي، جنهن تي عملدرآمد ڪرڻ سمورن ذميوارن لاءِ لازمي هوندو. محرم جي شروعات کان اڳ امن ۽ امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن ڪمشنرز، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پيز ۽ سمورن فرقن شعيا ۽ سني اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪندا ۽ سندن مسئلن جي سدباب لاءِ مناسب قدم عمل ۾ آڻيندا. آئي جي سنڌ، ڪمشنرز، ڊي آئي جيز، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايس ايس پيز پنهنجا پنهنجا ڪنٽرول روم قائم ڪندا جيڪي گهرو کاتي جي ڪنٽرول روم سان مسلسل رابطي ۾ رهندا. لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايس ايس پي مقامي مذهبي اڳواڻن کي چڙ ڏياريندڙ تقريرن کان منع ڪرائيندا ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پرامن ماحول کي برقرار رکڻ لاءِ چڙ ڏياريندڙ مقررين جي بين الصوبائي ۽ ضلعي سطح تي چرپر تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي، جنهن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. شرانگيز مواد تي مشتمل پمفليٽ، ڪيسٽ، ويڊيو جي ورهاست، وڪري ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي، جن عالمن تي پابندي لڳائي وئي آهي انهن جي ڪيسٽس ۽ ريڪارڊنگس هلائڻ تي قطعي طور پابندي هوندي. وڌيڪ اهو ته ايام عزا جي ڏينهن ۾ ڪيبل آپريٽرز کي پابند ڪيو وڃي ته هو قابل اعتراض سي ڊيز، چينلز نه هلائين. ضلعي ايس ايس پيز، اهم اڳواڻن جي تقرير کي ريڪارڊ ڪرڻ جا پابند هوندا. محرم الحرام دوران ڪار پارڪنگ وارا هنڌ مجلس ۽ جلوسن کان پري رکيا ويندا. شيعا ۽ سني سان تعلق رکندڙ اڳواڻن ۽ عالمن، امام بارگاهن ۽ جلسي جلوس جي حفاظت لاءِ اسڪائوٽس خانگي سيڪيورٽي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪري سگهن ٿا. متعين شده بم ڊسپوزايبل اسڪواڊ کي استعمال ۾ آندو ويندو ته جيئن مجلس وارين جاين ۽ جلوسن جي رستن جي بروقت فني طور تي جاچ پڙتال ڪري سگهجي ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي. ضلعي پوليس حساس هنڌن تي ڪئميرائن جي مدد سان شرپسند عناصرن تي ڪرڙي نظر رکندا ته جيئن فوري ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي ۽ سي سي ٽي وي ڪئمرا لڳل گاڏيون به پوري صوبي ۾ زير استعمال آنديون وينديون ته جيئن جلوسن جي صحيح طور تي نگراني ڪري سگهجي. محرم الحرام دوران اسلحو کڻي هلڻ ۽ ڏيکارڻ تي مڪمل پابندي لاڳو هوندي. ان قسم جي سرگرمين تي ڪرڙي نظر رکي ويندي ۽ خلاف ورزي جي صورت ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بروقت ڪارروائي عمل ۾ آڻيندا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انسداد دهشتگردي ايڪٽ 1997 تحت لسٽ ۾ رکيل عناصر تي ڪرڙي نظر رکندا. مٿي لائوڊ اسپيڪر لڳائڻ تي پابندي هوندي ۽ هيٺ لڳايل لائوڊ اسپيڪر جي آواز صرف اجتماع ۽ ٻڌندڙن تائين محدود رکي ويندي، خلاف ورزي تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر، امام بارگاهن، مسجدن ۽ آسپاس ۾ اسٽريٽ لائيٽس ۽ رستن جي مرمت ۽ گندي پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي جي سلسلي ۾ محرم الحرام جي شروعات کان اڳ ضروري قدم عمل ۾ آندا ويندا، بجلي جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائي ويندي. انتظاميه، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايس ايس پيز، ميڊيا مينيجمينٽ جي حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙيندا جيڪا اوچتو پيدا ٿيندڙ مسئلن کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ڪم ڪندي. سبيل جي پاڻي، نياز وغيره ۾ زهر جي ملاوٽ کي روڪڻ لاءِ حفاظتي قدم کنيا ويندا. ضلعن جي سمورن اسپتالن کي هاءِ الرٽ رکيو ويندو. ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز شيعا ۽ سني معززين تي مشتمل امن ڪميٽيون ٺاهيندا ۽ انهن کي تحريري طور تي هيٺ ڏنل معاملا انجام ڏيڻ لاءِ پابند ڪيو ويندو، ڪميٽيون خلفاءِ راشدين، صحابه ڪرام ۽ اهل بيت جي شان ۾ گستاخي کان پاسو رکڻ لاءِ عملي قدم يقيني بڻائيندا ۽ گستاخي ڪندڙن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حوالي ڪيو ويندو، اعتراض وارن نعرن تي مڪمل پابندي هوندي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، ڊي آئي جيز ۽ ايس ايس پيز قابل اعتراض وال چاڪنگ ڊاهڻ ۽ روڪ ٿام لاءِ فوري قدم عمل ۾ آڻيندا، مجلس ۽ جلوس جي حوالي سان وقت جي سختي سان پابندي ڪئي ويندي، مجلسن جي روايتي هنڌن ۽ جلوس جي منظور ٿيل رستن کي تبديل ڪرڻ جي هر گز اجازت نه ڏني ويندي.