لاهور (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 120 جي ننڍين چونڊن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي بعد خالي ٿيل لاهور جي سيٽ اين اي 120 تي ننڍين چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، پولنگ اسٽيشن نمبر 163 گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج سول لائنز تان مليل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي ياسمين راشد 790 ووٽ حاصل ڪري سڀني کان اڳتي، مسلم ليگ ن جي اميدوار ڪلثوم نواز 170 ۽ پپيلز پارٽي جي فيصل مير 129 ووٽ حاصل ڪيا، پولنگ اسٽيشن 44، سٽي ڊسٽرڪٽ گرلز اسڪول ڪريم پارڪ جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق تحريڪ انصاف جي اميدوار ياسمين راشد 436، مسلم ليگ ن جي ڪلثوم نواز 198 ۽ پيپلز پارٽي جي فيصل مير 95 ووٽ حاصل ڪيا.