لنڊن (م ڊ): پرڏيهي وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته اليڪشن جي ڏينهن ڌانڌلي جي حوالي سان افواهون هلنديون رهيون، جڏهن ته چونڊن جو نتيجو اسان جي حق ۾ ايندو، پرڏيهي وزير لنڊن ۾ موجود آهي، جتي هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، خواجا آصف جو چوڻ هيو ته اڄ اليڪشن جو نتيجو اچي وڃي پوءِ ن ليگ خلاف ٿيندڙ سازشن جو ٻڌائينداسين ۽ انشاءَ الله اين اي 120 ۾ مسلم ليگ ن ئي ڪامياب ٿيندي، پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو ته نواز شريف سان ملاقات دوران ڪيترن اهم سياسي معاملن تي ڳالهه ٿي ۽ ان موقعي تي اين اي 120 جي ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي جي شڪايتن جو به جائزو ورتو ويو.