عدالتي رمارڪس ۽ زهر اوڳاڙڻ جهڙن لفظن کي رد ڪريون ٿا: سعد رفيق
September 15, 2017 at 11:12 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور( م ڊ ) ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته نه اسان جي قيادت گاڊ فادر آهي ۽ نه وري اسان جو ڪو مافيا سان واسطو آهي، عدالتي رمارڪس ۽ زهر اوڳاڇڻ جهڙا لفظ رد ڪيون ٿا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته انصاف لاءِ نظرثاني درخواست داخل ڪئي پر اميد باوجود نتيجن جو اندازو هو، جي آءِ ٽي جي طريقي تي خدشا هئا، جڏهن ته عدالتي فيصلن سان اختلاف سان ڏڦيڙ پکڙجندو آهي. هن چيو ته ملتان ۽ لاهور ۾ وڪيلن جي جهيڙي ۽ عدالت ۾ ٿيل جهيڙي تي حڪومت قانون موجب عدليه جي حفاظت ڪئي، اسان کي اطلاع مليا ته ڪجهه حلق ججن کي رپورٽ ڏئي رهيا آهن ته وڪيلن کي حڪومت ۾ موجود هڪ شخصيت جي سپورٽ حاصل آهي پر ان شخصيت پنهنجي پوزيشن واضح ڪئي، عدليه جي وقار جي حفاظت ۽ بدامني روڪڻ حڪومتي ادارن جي ذميواري آهي.