ڪراچي) هه آ) ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي دوران گذريل ٻن مهينن کان ايڪسائيز کاتي مجموعي طور 9218.846 ملين رپيا وصول ڪيا ويا، جڏهن ته 17-2016 ۾ ان عرصي دوران 8140.552 ملين رپيا وصول ڪيا ويا هئا. اها ڳالهه هن پنهنجي دفتر ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾سيڪريٽري ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن عبدالعليم شيخ، ڊائريڪٽر جنرل شعيب احمد صديقي ۽ ٻين آفيسرن به شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ڊائريڪٽر جنرل شعيب احمد صديقي ٻڌايو ته موٽر وهيڪل ٽيڪس جي مد ۾ 1182.045 ملين رپيا انفرااسٽرڪچر سيس جي مد ۾ 6567.277 ملين رپيا پروفيشنل ٽيڪس جي مد ۾ 113.452 ملين رپيا ۽ جائيداد ٽيڪس جي مد ۾ 521.333 ملين رپيا وصول ڪيا ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بقايا رقم ٻين ٽيڪسن جي مد ۾ وصول ڪئي وئي. صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ٽيڪس جي بروقت وصولي قومي خزاني جي لاءِ تمام ضروري آهي ڇو ته هن وقت تائين ڀرپور ترقي ممڪن نه آهي. جيستائين اسان پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان انجام نه ڏينداسين. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪسن جي وصولي لاءِ پنهنجا فرض ايمانداري سان انجام ڏين ۽ جيڪي آفيسر پنهنجون ذميواريون صحيح طرح سان انجام نه ڏيندا انهن خلاف محڪمه جاتي ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي سيڪريٽري ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن عبدالعليم شيخ آفيسرن جي ڪارڪردگي جي باري ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا کي بريفنگ ڏني.