ڪراچي(هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته محرالحرام ۾ مجلسن لاءِ سڪيورٽي انتظامن ۽ جلوسن کي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. اها ڳالهه هن محرالحرام ۾ مجلسن ۽ سڪيورٽي انتظامن لاءِ پاڪستان رينجرز ۽ سنڌ پوليس جي رٿابندي بابت جائزي اجلاس جي صدرات ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ گهرو وزير سهيل انور سيال، صوبائي اطلاعت واري وزير سيد ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، انسپيڪٽر جنرل پوليس اي ڊي خواجه، ايڊيشنل آءِ جيز ثناءُ الله عباسي ۽ مشتاق مهر، پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، ڪمشنر ڪراچي اعجاز علي خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل رينجرز محمد سعيد وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هتي 8000 رينجرز نفري مقرر هوندي. هن چيو ته مان آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي سان گڏ هڪ ملاقات ڪري گڏيل حڪمت عملي سان تفصيلي رٿابندي ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته رينجرز جي مقرري محرم جي شروع کان ويندي چاليهي تائين جاري رهندي. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس کي هڪٻئي سان رابطا وڌايا وڃن، اهي رابطا انٽيليجنس نيٽورڪ سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪافي هوندا. ان کانسواءِ رينجرز ۽ پوليس مسلسل شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو آهي. ڊي جي رينجرز چيو ته ان عمل سان شهر مان دهشتگردي ۽ ٻين پرڏيهي ملڪن جو خاتمو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ آءِ جي پوليس اي ڊي خواجه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 1932 امام بارگاهون آهن، سموري صوبي ۾ 9295 هنڌن تي مجلسن ڪيون ويندو، 4004 ماتمي جلوس ۽ 1658 تعزياتي جلوس ڪڍيا ويندا. هن چيو ته 9269 مجلسن مان 583 تمام حساس قرار ڏنا ويا آهن، 2463 حساس ۽ 6249 نارمل آهن. اهڙي ريت 340 ماتمي جلوسن کي تمام حساس، 1337 حساس ۽ 2327 نارمل قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته جتي تعزياتي جلوس آهن انهن مان 65 کي تمام حساس، 626 حساس ۽ 197 نارمل قرار ڏنو ويو آهي. ڪراچيءَ بابت ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ پوليس چيو ته 320 مجلسن مان 179 تمام حساس، 767 حساس ۽ 320 معمولي ظاهر ڪيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته 694 ماتمي جلوسن مان 116 تمام حساس، 530 حساس ۽ 48 عام آهن. جيتري حد تائين تعزياتي جلوسن جو تعلق آهي ته ڪنهن به جلوس کي تمام حساس قرار ناهي ڏنو ويو پر 198 حساس ۽ 217 عام آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس نفريءَ جي مقرري جلوس، مجلسن ۽ تعزياتي جلوسن جي حساسيت کي ڏسندي ڪئي وئي آهي. پوليس کاتي پاران 61545 نفري مقرر هوندي، جنهن مان 34827 اسٽيٽڪ هوندي، 9087 محاصري ۾، جڏهن ته 6600 موبائل ۽ 1442 موٽر سائڪيلن تي اهلڪارن جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. آءِ جي پوليس چيو ته 1310 موبائل فون، 1436 موٽرسائيڪل ۽ 8117 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. مقرر اهلڪارن جا تفصيل ڏيندي اي ڊي خواجه چيو ته 400 اهلڪار سي پي او ۾ هوندا، 100 پوليس اهلڪار ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي گارڊن هيڊڪوارٽر، اي سي ايل سي، نمائش چورنگي، ماما پارسي اسڪول، پريڊي ۽ سوميري ويڌر ٽاور تي مقرر هوندا. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته چاليهي تائين مسلسل نگرانيءَ لاءِ لازمي انتظام ڪيا وڃن ته جيئن عالمن ۽ مذهبي اڳواڻن سان ويجهڙائي وارا لاڳاپا وڌايا وڃن. هن چيو ته مان ذاتي طور تي عالمن سان ملاقاتون ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته هو شهر جي امن امان واري صورتحال تي مطمئين آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هُو بلدياتي ادارن سان گڏجي هنگامي حالتن ۾سمورن روڊن جي پچ ورڪ واري ڪم کي يقيني بڻائي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته بلدياتي ادارن کي سموري سنڌ ۾ پنهنجي لاڳاپيل صفائي وارو ڪم شروع ڪرڻ گهرجي. هن چيف سيڪريٽري کي هدايتون ڏيندي چيو ته واٽر بورڊ کي گهرجي ته شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ کي يقيني بڻائي. وڏي وزير سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي چيف سيڪريٽريءَ ذريعي ۽ ايس ايس پيز کي آءِ جي سنڌ پوليس ذريعي هدايت ڪئي ته امن امان ۽ صفائي وارن ڪمن جي بحاليءَ لاءِ بلدياتي ادارن کي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته آءِ جي پوليس کي هدايت ڏيندي چيو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان تفصيل گڏ ڪريو جن ماڻهن کي سڪيورٽي گارڊن جي ضرورت نه آهي انهن کان واپس ورتي وڃي. وڏي وزير گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته هُو وفاقي گهرو وزارت سان ڪوآرڊينيشن ڪري جتي گهرج ٿئي اتي موبائل سروس معطل ڪئي وڃي. هن چيو ته وفاقي گهرو وزارت سان ڪوآرڊينيشن تمام ضروري آهي.