وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان آمريڪي ۽ افغان سفيرن جون ملاقاتون

اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان آمريڪي ۽ افغان سفيره ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ آمريڪي سفير وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت خطي جي سلامتي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته ان دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڏهاڪن کان جاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ٻئي طرف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان پاڪستان ۾ مقرر افغان سفير عمر زخيل وال به ملاقات ڪيئ ۽ ان کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني، وزيراعظم ۽ افغان سفير وچ ۾ ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانسان ۽ طي ۾ سلامتي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان افغان قيادت ۾ افغان مفاهمتي عمل ۾ هر ممڪن حمايت ڪندو آهي، افغان سفير جو چوڻ هيو ته پاڪستان افغانستان وچ ۾ گهرا تاريخي، ثقافتي، سياسي رابطا آهن ۽ افغان قيادت ٻه طرفن لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ پرعزم آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *