چونڊيل وزيراعظم کي ان ڳالهه تي ڪڍيو ويو ته ان پٽ کان پگهار ڇو نه ورتي: مريم نواز

لاهور (م ڊ): اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز شريف چيو آهي ته جهڙيءَ ريت ڪارڪنن، عوام منهنجي والد لاءِ دعا ڪئي، ان جو بدلو سڄي زندگي ڏئي نٿي سگهان، هن چيو ته ڪارڪنن جو جذبو ۽ محبت منهنجي لاءِ زندگي جو سرمايو آهن، عورت ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته 17 سيپٽمبر تي گهرن مان نڪرڻو آهي، رشتيدارن کي گڏ وٺي پولنگ اسٽيشن وڃڻو آهي، هن چيو ته 17 سيپٽمبر تي پولنگ اسٽيشن وڃي شير تي مهر لڳائڻي آهي، هن چيو ته اوهان کي پنهنجي چونڊيل وزيراعظم خلاف اهو فيصلو منظور ناهي ته 17 سيپٽمبر تي شير لاءِ نڪرندئو، مريم نواز چيو ته اوهان جي چونڊيل وزيراعظم کي ان ڳالهه تي ڪڍيو ويو ته ان پٽ کان پگهار ڇو نه ورتي، اوهان کي احتساب جي نالي تي انتقام منظور ناهي ته پوءِ 17 سيپٽمبر تي شير لاءِ نڪرندئو، اين اي 120 ۾ منهنجو شاندار استقبال نواز شيرف سان محبت جو اظهار آهي، اوهان جهڙيءَ ريت منهنجو ساٿ ڏنو، ان جو بدلو نٿي ڏئي سگهان، ساڍا چار سال ميان نواز شريف خلاف سازشون ٿيون، هن چيو ته آچر موڪل جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن ناشتي ۾ نه لڳي وجو، سڀني کي گهرن مان ڪڍڻو آهي، مون کي ٻڌايو آچر ڏهاڙي شير ايندو، ساڍا سال ڪڏهن ڌانڌلي، ڪڏهن ڌرڻو ۽ ڪڏهن پاناما ٿيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *