تحقيق ۽ ترقي معاشري جي ضرورت آهن. اسان يونيورسٽي ۾ تحقيقي ڪلچر کي فروغ ڏئي رهيا آهيون؛ڊاڪٽر پروين شاهه

خيرپور (رپورٽ : شاهد نواز سيال) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايڊوانس اسٽڊيز ۽ ريسرچ بورڊ جو 61 هون اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ چيو ته تحقيق ۽ ترقي معاشري جي ضرورت آهن. اسان يونيورسٽي ۾ تحقيقي ڪلچر کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن وقت ڊائريڪٽوريٽ آف پوسٽ گريجويٽ اسٽڊيز پاران ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ 3000 کان وڌيڪ محققن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. ڊائريڪٽوريٽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي اصولن جي روشني ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ميمبرن ڊاڪٽر پروين شاھ پاران تحقيقي واڌاري لاءِ سندس ڪوششن جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي بورڊ جي 60 هين اجلاس جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي ۽ مختلف محققن جي تحقيقي وقت ۾ پڻ اضافي جي منظوري ڏني وئي. بورڊ  2 محققن امتياز احمد پيرزاده ۽ نور حسين چانڊيو کي اڪنامڪس ۽ جاگرافي ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگريون ڏيڻ جي منظوري ڏني. بورڊ 55 محققن محمد حسن شيخ، قرت العين ٽالپر، خليل جبران، زين العابدين آريجو، ثانيه ميمڻ، محمد سليمان آريجو، فرحانه سومرو، ياسين جعفري، فائزه شاه بخاري، مومل ميمڻ، محمد علي بروهي، رباب زهرا ڇڄڙو، زينب زهرا ڇڄڙو، حميرا ڊوگر، امير احمد پٺاڻ، عبدالقدير ميمڻ، لياقت علي ڀنڊ، هادي بخش چنه، صاعقه خاتون سهتو، افشان بگٽي، عابده پروين ڄامڙو، سرمد ڪانهر، غلام علي ڊوگر، حميرا شيخ، غزاله سانگري، اظهار علي لاکو، محمد پنجل سولنگي، آصف علي شاه، صغير عباس سولنگي، سرفراز علي کهاوڙ، شعيبه بيبي سيد، مرڪ ميمڻ، روبينه ميراڻي، علي خان ڏهر، ارم ناز ميمڻ، رخسانه سومرو، عبدالڪريم ميتلو، گلناز ڏنور، شاهد حسين ڏنور، عبدالخالق ميتلو، بينش زهرا ڪاڪيپوٽو، ثمرين غفور آرائين، محمد منير شاه، ياسر علي سولنگي، عبدالنعيم ڪلهوڙو، ناظم حسين حاجاڻو، امجد حسين ميمڻ، سعيد احمد ڀٽي، آزاد علي کٺياڻ، ڪلثوم احمد، محمد شعيب خان پٺاڻ ۽ عنايت الله مگسي کي انگلش، اسلامڪ اسٽڊيز، بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪامرس، بائيو ڪيمسٽري، ڪيمسٽري، مائيڪرو بائيولاجي، زولاجي، اردو، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، شماريات، ڪمپيوٽر سائنس، رياضي، اڪنامڪس ۽ پاڪستان اسٽڊيز جي مضمونن ۾ ايم ايس ۽ ايم فل جون ڊگريون ڏيڻ جي منظوري ڏني. بورڊ مختلف شعبن ۾ ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر محمد انور پٺاڻ، ڊاڪٽر روزينه چوهاڻ، ڊاڪٽر اوم پرڪاش، ڊاڪٽر سيف الله ڀٽو، داڪٽر انيل ڪمار، ڊاڪٽر رحيم بخش سومرو، ڊاڪٽر ثمينه راڄپر ۽ ڊاڪٽر اڪرام الدين کي ريسرچ سپروائزر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان کان علاوه ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي 138 کان وڌيڪ محققن جي تحقيقي سائنوپسز جي به منظوري ڏني وئي. ان اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر لطف الله منگي پرووائيس چانسلر شڪارپور ڪيمپس، پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد شيخ پرووائيس چانسلر مين ڪيمپس، ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ، ڊاڪٽر ممتاز حسين مهر، ڊاڪٽر بدرالدين ميمڻ، ڊاڪٽر مير منصف ٽالپر، ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري، ڊاڪٽر غلام محي الدين ويسر، ڊاڪٽر عبدالحسين شر، ڊاڪٽر امير علي چانڊيو، ڊاڪٽر غلام عباس شر، ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر، ڊاڪٽر سيد اسد رضا عابدي، ڊاڪٽر اختيار علي گھمرو، سيد مهدي شاه راشدي، مريد حسين ابوپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *