ڏوڪري؛ڊي سي جي هدايت تي اي سي باقراڻي هڪڙا بند پهچي ويو،وڻ پوکيو مهم جي شروعات

ڏوڪري(رپورٽر) اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي جواد حيدر شاهه پاران ڊي سي لاڙڪاڻو جي ھدايت تي اڄ صبح جو موهن جو دڙو ڀرسان سنڌو درياهه تي لاڙڪاڻو سيوهڻ بند جي موهن جو دڙو هڪڙا بند تي پهتو جتي ايريگيشن کاتي جي اسٽنٽ انجنئير ڏوڪري حبيب الله مغيري. ۽ ٻيو عملو موجود هئا جنهن بعد اسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي سيد جواد حيدر شاهه ڊي سي لاڙڪاڻي جي هدايتن تي وڻ پوکيو مھم جي سلسلي ۾ ھڪڙا بند تي 200 وڻ پوکڻ جي مهم جي شروعات ڪئي. ۽ پنهجي هٿن سان وڻ پوکي مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو. موقعي تي ايريگيشن ڊپارٽمنٽ جا عملدار۽ تپيدار ديدار ابڙو ۽ ٻيا پڻ موجود ھيا. ان موقعي تي اسٽنٽ ڪمشنر جواد حيدر شاهه چيو آهي ته ڊي سي لاڙڪاڻو جي حڪم تي هڪڙا بند جي چوڌاري 200وڻ لڳائي وڻڪاري مهم جو سلسلو ڪيو ويو آهي ته جئين هڪڙا بند جي چوڌاري وڻڪاري ٿيڻ سان ماحول بهتر ٿي ويندو ڇو ته وڻ هڪ قدرتي نعمت آهي جيڪو آلودگي ۽ گهڻن وڻن سان بيمارين کي به روڪي سگهجي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *