ميانمار روهنگيا مسلمانن تي پنهنجو ظالماڻيون ڪارروايون بند ڪري: گڏيل قومون

نيويارڪ (م ڊ): گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گيتريز ميانمار جي حڪومت کي چيو آهي ته اها روهنگيا جي مسلمانن خلاف پنهنجون فوجي ڪارروايون ۽ انهن تي تشدد ڪرڻ بند ڪري. سيڪريٽري جنرل نيويارڪ جي هيڊ ڪواٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ميانمار ۾ انساني صورتحال خراب آهي. پوري دنيا جي ملڪن اتان جي متاثرن جي امداد ڪئي آهي، سندس چوڻ هو ته ميانمار جي حڪومت روهنگيا جي مسلمانن کي شهريت ڏئي يا گھٽ ۾ گھٽ اهڙي حيثيت ڏئي جو اهي پنهنجو گذارو سٺي نموني ڪري سگھن. سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته 3 لک 80 هزار روهنگيا مسلمان بنگلاديش ۾ پناهه وٺي چڪا آهن، پوري دنيا جا ملڪ انهن جي مدد جي لاءِ تيار آهن، سندس اهو به چوڻ هو ته انهيءَ مسئلي تي هن ڪافي دفعا آنگ سانگ سوچي سان به ڳالهايو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *