آدمشماري تي سياست بند ڪئي وڃي، سقراط ۽ بقراط سي پيڪ ختم نٿا ڪري سگهن: وفاقي حڪومت

ڪراچي (رپورٽر) گهرو معاملن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سي پيڪ منصوبي کي ڪير به رول بيڪ نه ٿو ڪري سگهي، دهشتگردي خلاف پاڪستان جون قربانيون دنيا قبول ڪري رهي آهي ۽ يورپي يونين سميت چين ۽ روس به پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن اهڙو اظهار ڪالهه ڪراچي جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. احسن اقبال جو چوڻ هو ته سي پيڪ جو مقصد پاڪستان جي ڪاروبار کي توانائي ڏيڻ آهي. دشمن سي پيڪ خلاف سازشون ڪري رهيو آهي ۽ پاڙيسري ملڪ پاڪستان ۾ بدامني پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته دشمن اسان وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت کي ڏڦيڙ پکيڙڻ جو جواب ڏيڻ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته آمريڪي ميڊيا به پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪيو آهي. اسان پاڻ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف آهيون. اسان جو مقصد پاڪستان کي ايشين ٽائيگر بڻائڻ آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي اندر امن امان لاءِ پوليس جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي. سنڌ ۾ مڪمل امن امان قائم ٿيڻ تائين رينجرز پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته برڪس پڌرنامو ڪو نئون نه هو، اهو هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس پڌرنامي جو تسلسل هو. دشمن ٻڌي ڇڏين ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي ڪير به نقصان نه ٿو پهچائي سگهي. احسن اقبال چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي مستقبل جو منصوبو آهي جيڪو ضرور ڪامياب ٿيندو پر ڪجهه سقراط ۽ بقراط عوام ۾ مايوسي پکيڙي رهيا آهن، پاڙيسري ملڪ تخريبڪاري ڪري سي پيڪ کي پٽڙي تان لاهڻ چاهي ٿو، حڪومت ۽ فوجي ادارا گڏجي آپريشن رد الفساد کي ڪامياب بڻائيندا. سندس چوڻ هو ته چوڌري نثار جتي ڪم ڇڏيو اتان ئي اڳتي وڌايو پيو وڃي. سوشل ميڊيا تي دهشتگرد گروپ نوجوانن کي پنهنجي طرف ڇڪي ڀٽڪائين ٿا، اهڙي گروپ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي مضبوط نگراني ۽ رابطي جو نظام واضح ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته خواجه اظهار تي حملي کانپوءِ سامهون ايندڙ دهشتگردن جي نئين گروپ جو ڪافي حد تائين خاتمو آندو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سرحدن تي بارڊر مئنيجمينٽ بهتر ڪنداسين. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ سموريون شاهديون پيش ڪنداسين.هن چيو ته سقراط ۽ بقراط بڻجندڙ ٻاهرين طاقتن جا مهرا آهن هو سي پيڪ کي رول بيڪ نٿا ڪري سگهن. دشمن اسان کي ٽڪراءَ ۾ آڻي سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته آدمشماري تي سياست نه ڪئي وڃي، آءُ حيران آهيان ته هي ماڻهو آدمشماري تي سياست ڪيئن پيا ڪن. سڀني ماڻهن جي ڳڻپ يقيني بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. جيڪڏهن ڪٿي آدمشماري رهجي وئي آهي ته نشاندهي ڪئي وڃي ان تي سياست نه ڪرڻ کپي،  ڪو فني مسئلو آهي ته ٻڌايو وڃي، حل ڪنداسين. پنجاب جي آبادي ۾ گهٽتائي آئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *