ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پورهئي، ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته بلديا ٽائون 11 سيپٽمبر 2012 واري سانحي کي وساري نٿو سگهجي، ڇو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجن واعدن جو پاس رکي ٿي ۽ انهن جي بحالي ۽ ڀلائي لاءِ ڪيل واعدن کي مڪمل ڪرائيندي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري خاص طور تي انهن جي داد رسي لاءِ واضع حڪم ڏنا آهن ۽ هر ممڪن تعاون فراهم ڪري سندن مالي مدد کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ پورهئي ۽ افرادي قوت پاران بلديا ٽائون سانحي جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي صوبائي آڪيوپيشنل هيلٿ ۽ سيفٽي ڊي جي حوالي سان ڪوٺايل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آئي ايل او جي ڪنٽري ڊائريڪٽر اسلام آباد ۾ مقرر ان گريڊ ڪسٽين خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. جڏهن ته مشهور صنعتڪارن مجيد عزيز، شمير فريد، زبير موتي والا، مشهور پورهيت اڳواڻ حبيب الدين جنيدي، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي ناصر منصور، شفيع غوري، پورهئي کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي، ڊائريڪٽر خادم حسين ڀٽو، ڪمشنر سيسي شاه محمد شاهه کان علاوه بلديات ٽائون سانحي جي پونئرن ۽ ڪميٽي جي چيئرپرسن سعيده خاتون سميت پورهيت کاتي جي ملازمن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته شهيدن جو خون رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين. سمورن معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائيندسين. مالڪن ۽ پورهئي کاتي تي ٻڌل هڪ ڪميٽي کاتي جي معاملن کي جانچيندي ۽ بغير ڪنهن دير جي مسئلا حل ڪندي. هن چيو ته ان واقعي ۾ جيڪو به ملوث آهي اهو ڀلي ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي ۽ ڪوتائي ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ٿيندي. جڏهن ته آئي ايل او طرفان 52 ڪروڙ گرانٽ به جلد ڏيارڻ لاءِ آئي ايل او جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سان ڳالهه به ڪئي آهي. وفاق پاران اِي او بي آءِ جي رقم به جلد رليز ڪنداسين. عملي قدم کڻي شهيدن سان انصاف ڪيو ويندو. پورهئي کاتي اهڙي قانون ۽ پاليسي بڻائي آهي ته جيئن آئنده اهڙو اڻوڻندڙ واقعو ۽ نقصان نه ٿي سگهي. ان جي سدباب لاءِ سنڌ اسيمبلي مان تمام جلد قانون پاس ڪرايو پيو وڃي. ان کان اڳ آئي ايل او جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ان گريڊ ڪرسٽين خطاب ڪندي اظهار يڪجهتي ملهائيندي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته آئي ايل او ورڪ پيلس تي حفاظتي اپائن کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. مالڪن کي گهرجي ته حڪومت سان گڏجي ملازم ورڪرن جي حفاظت کي يقيني بڻائين ته جيئن اڳتي اهڙن اڻوڻندڙ واقعن کي ٻنجو اچي سگهي. آئي ايل او جي سنگاپور ڪنويشن ۾ به ڪيترائي اپاءُ تجويز ڪيا پيا وڃن. انهن تي عملدرآمد يقيني ٿئي. اهڙن واقعن، حادثي، موت ۽ حادثاتي طور تي معذور ٿيڻ جا واقعا ٺوس طور تي سدباب ڪري سگهجي. سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي کاتي جي اپائن، قانونسازي، قانون تي عملدرآمد ۽ ٻين ترجيحاتي منصوبن جي باري ۾ تفصيل ڏنا ۽ هن ڏينهن جي حوالي سان آگاهي ڏني. پنجين ورسي جي حوالي سان ڏينهن ملهائڻ جي باري ۾ سنڌ حڪومت سان ٻڌي جو اظهار ڪيو. تقريب کي مجيد عزيز، حبيب الدين جنيدي، ناصر منصور به سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ دعا به گهري وئي.