اسلام آباد ( بيورو ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته تحريڪ انصاف جو وڪيل ثقلين حيدر اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. تحريڪ انصاف طرفان آخري ٻڌڻي تي به پرڏيهي فنڊنگ جو رڪارڊ جمع نه ڪرايو ويو. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته چئن سالن کان اسان جو وقت ضايع ٿي رهيو آهي، توهان کي اڄ پارٽي جي فنڊنگ جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻن هفتن اندر تفصيل ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، ان مدي ۾ رڪارڊ جمع ڪرايو ويندو. هن چيو ته عدالت اهو به حڪم ڏنو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن سان تفصيل شيئر نه ڪندي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پهريون رڪارڊ تي ڏيو پوءِ ڪنهن سان شيئر ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو، توهان جي دير سان ڪهڙو تاثر وٺڻ گهرجي