پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين پرڏيهه روانو ٿي ويو
September 12, 2017 at 8:57 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين اي سي ايل مان نالو خارج ٿيڻ کانپوءِ علاج لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو آهي. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم جناح انٽريشنل ايئرپورٽ تان پرڌيهي اڏام اي ڪي 601 ذريعي لنڊن مان دبئي روانو ٿيو. ڊاڪٽر عاصم سان سندس امڙ اعجاز فاطمه به پرڏيهه رواني ٿي. هوائي اڏي تي ميڊيا سان ڳالهائيدني ڊاڪٽر عاصم چيو ته پاڪستان منهنجو گهر آهي، منهنجو جيئڻ مرڻ هتان ئي آهي، علاج ڪرائي ڏيهه واپس ايندس.