ملڪ کي پرڏيهي خطرو آهي، متحد ٿي مقابلو ڪرڻو پوندو: احسن اقبال

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر )  وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي پرڏيهه مان خطرو آهي، متحد ٿي مقابلو ڪرڻو پوندو. مزار قائد تي حاضريءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ملڪ مان فرقيواريت جو خاتمو ٿي چڪو آهي، پاڪستان وڌي ويجهي رهيو آهي جنهن کي ايشين ٽائيگر بڻايو ويندو. هن چيو ته  اسان جي نوجوانن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ سميت سموريون صوبائي حڪومتون گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن. احسن اقبال چيو ته بلوچستان جون حالتون تيزيءَ سان بهتري طرف وڃي رهيون آهن. هن چيو ته سموري دنيا پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگرد سوشل ميڊيا ذريعي نوجوانن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. احسن اقبال چيو ته ڪراچيءَ کي رينجرز امن جو آستان بڻايو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ فرقيواريت جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته 2018ع ۾ حڪومت جون مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ عام چونڊون ٿينديون، سياسي پارٽين کي چونڊ سڌارن تي اتفاق ڪرڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته ورلڊ اليون ۾ ڪي به ڦٽيچر رانديگر شامل نه آهن. هن چيو ته 10 سالن کان ويران ميدان هڪ دفعو ٻيهر آباد ٿي رهيا آهن، ڪرڪيٽ ميچن کي صوبائي رنگ ڏيڻ غلط آهي. احسن اقبال چيو ته ڪنهن به ميچ لاءِ سڪيورٽي ڪليئرنس آءِ سي سي ڏيندي آهي.سندس چوڻ هو ته عوامي مرڪز ۾ لڳل باهه سان ڪو به قيمتي رڪارڊ ضايع نه ٿيو آهي. احسن اقبال چيو ته دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي ٿي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *