اسلامي دنيا کي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ ترقي ڪرڻي پوندي: صدر ممنون حسين

آستانه( م ڊ ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪجهه صدين کان اسلامي دنيا علمي شعبي تي ڌيان نه ڏئي سگهي پر اسلامي دنيا جو سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ سائنسي شعبي ۾ ترقي ڪرڻ ضروري آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي بابت او آءِ سي جي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته اسلامي دنيا کي نه رڳو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ خود ڪفالت اختيار ڪرڻ ضروري آهي پر سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي شعبي ۾ ترقي ڪرڻ به ضروري آهي، جڏهن ته فيصلن تي عملدرآمد سان مسلم دنيا ڪامياب رهندي. هن چيو ته ڏک آهي ته مسلم دنيا تمام گهڻو پوئتي رهجي وئي آهي، سائنس جي حيرت انگيز ترقي سبب دنيا تبديل ٿي رهي آهي، عمراني علم ۾ به تحقيق جي ضرورت آهي. صدر ممنون حسين چيو ته مسلم دنيا جي ترقي ۽ خوشحالي، ايندڙ نسلن لاءِ به ضروري آهي، پاڪستان ان معاملي ۾ سموريون ذميواريون پوريون ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *