صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي شماريات کاتي سنڌ طرفان پبليڪيشن ۽ سروي رپورٽ اپڊيٽ نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي) اسٽاف رپورٽر): ترقي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي شماريات کاتي سنڌ طرفان پبليڪيشن ۽ سروي رپورٽ اپڊيٽ نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شماريات کاتو هڪ اهم ادارو آهي، جنهن جي ڏنل انگن اکرن تحت سنڌ حڪومت مختلف ادارن لاءِ منصوبابندي ڪري پاليسيون جوڙيندي آهي پر کاتو پراڻا سروي ۽ پبليڪيشن رپورٽ هلائي رهيو آهي. سالن تائين ڊيٽا نئين سري سان نٿي جوڙي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ شماريات کاتي جي آفيس ۾ ڊائريڪٽر جنرل نسيم الغني سهتو طرفان ڏنل بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ انڊسٽريل پراڊڪشن اينڊ امپلائمنٽ، سنڌ ڊولپمينٽ اسٽيٽڪس، زراعت، صحت، اسڪول ۽ ڪاليج ايجوڪيشن جي انگن اکرن متعلق ٽي سال پراڻيون پبليڪيشن ۽ سروي رپورٽس ڏيکاريون ويون. اجلاس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ شماريات کاتي جون آفيسون مختلف قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي قبضي هيٺ هئڻ ڪري غير فعال بڻيل آهن. مير هزار خان بجاراڻي شماريات کاتي جي ڪاروهنوار تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيئرمين منصوبابندي محمد وسيم خان کي آفيس تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ قانوني چاراجوئي ڪرڻ، کاتي ۾ خالي پيل 97 جاين تي پبلڪ سرويس ڪميشن ذريعي نيون ڀرتيون ڪرڻ، آفيسرن کي پروموشن، جديد سکيا ۽ تربيت ڏيارڻ جي هدايت ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *