آرمي چيف چئن دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي: آءِ ايس پي آر

 راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه پابندي مڙهيل تنظيمن جي 4 دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 4 اهم دهشتگردن جي موت واري سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، موت جي سزا حاصل ڪندڙ دهشتگردن ۾ رياض احمد، حفيظ الرحمان، محمد سليم ۽ ڪفايت الله شامل آهن ۽ چئني جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيمن سان آهي، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد هٿياربند فوجن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث آهن ۽ مجموعي طور تي 16 ماڻهن کي قتل، جڏهن ته 8 ماڻهن کي زخمي ڪيو، چئني دهشتگردن وٽان هٿيار به مليا ۽ انهن فوجي عدالتن جي سامهون پنهنجي ڏوهن جو اعتراف ڪيو، جنهن تي فوجي عدالتن انهن کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو، جڏهن ته وڌيڪ 23 ڏوهارين کي مختلف مدي جي قيد جون سزائون به ٻڌايون ويون، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد رياض احمد پوليس ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن تي حملن ۽ گورنمينٽ مڊل اسڪول علي گرامه کي تباهه ڪرڻ ۾ ملوث آهي، دهشتگرد حفيظ الرحمان 3 شهرين کي قتل ۽ محمد سليم هٿياربند فوج تي حملي ۾ ملوث رهيو آهي، جنهن ۾ 4 فوجي جوان شهيد ٿيا هئا، جڏهن ته دهشتگرد ڪفايت الله به هٿياربند فوج تي حملي ۾ ملوث ثابت ٿيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *