آمريڪي پاليسيون دنيا کي جنگ، بربريت ۽ خونريزي طرف ڌڪيو آهي:اياز لطيف پليجو
September 7, 2017 at 9:28 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته برما ۾ روهنگيا مسلمانن جي قتلام خلاف پاڪستان، آمريڪا، سعودي عرب، يورپ، ترڪي، روس، چائنا ۽ ٻين ملڪن کي پنهنجا سفارتي تعلقات ۽ واپار ختم ڪرڻ گهرجن. اقوام متحده معصوم ماڻهن جي قتل عام تي ڇو خاموش آهي؟ آمريڪي پاليسيون دنيا کي جنگ، بربريت ۽ خونريزي طرف ڌڪيو آهي. هن اهڙو اظهار بي 48 پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته عالمي دنيا کي برما ۾ وڏي وقت کان جاري روهنگيا مسلمانن جي نسل ڪشي نظر نٿي اچي. انسانيت جي انهيءَ قتل عام جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هن چيوته آمريڪا پنهنجن مفادن لاءِ دنيا کي بارود جو ڍير بڻايو آهي. آمريڪي پاليسين جي ڪري دنيا ۾ ايٽمي ڊوڙ آهي ۽ مختلف ملڪن ۾ خانا جنگي ۽ انسانيت جو قتلام آهي. پاڪستان وڏي وقت کان دهشتگردي جو شڪار آهي، جنهن ۾ هزارين بيگناهه جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ايجنڊا تي آخر سنڌ جي ترقي ڇو ناهي؟ وزيراعظم خاقان عباسي سنڌ مان طويل لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ هڪ ئي وقت تي سڄي ملڪ ۾ 2 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرائي. چار ئي صوبا برابر لوڊشيڊنگ کي برداشت ڪن. سيپڪو، حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ڪرپٽ ۽ بجلي چور آهي. هن چيو ته وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وڃن. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون، لال خان شر، منصور لاکو، عباس پٺاڻ، حڪيم راڄپر ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.