2003ع ۾ ڊاڪٽر قدير اسان ٽن ماڻهن کي ٻڌايو ته مشرف ۽ ڪجهه فوجين جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آ: جاويد هاشمي

September 1, 2017 at 10:37 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ملتان(م ڊ) اڳوڻي فوجي صدر پروي مشرف دعويٰ ڪئي آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير کي مون ذميوارين کان الڳ ڪيو ته هن روئندي منهنجي گوڏن تي هٿ رکيا، پوءِ مون آمريڪا جي اڳيان سٽيڊ ورتو ۽ هاڻ جڏهن هو منهنجي خلاف ڳالهائيندو آهي ته افسوس ٿيندو آهي. اڳوڻي فوجي صدر پرويز مشرف جي ڊاڪٽر قدير بابت ان دعويٰ تي سينيئر سياستدان جاويد هاشمي به ميدان ۾ اچي ويو ۽ انڪشاف ڪيو ته 2003ع ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان مون کي، مشاهد حسين سيد ۽ نيوي جي سربراهه عبدالعزيز کي هوٽل جي ڪمري ۾  وٺي آيو ۽ ٻڌايو ته مشرف ۽ ڪجهه فوجين سندس زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، ڌمڪائيندا آهن  چون ٿا ته توکي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏينداسين. مشرف هاڻ بي بنياد بيان ڏئي رهيو آهي، ان انٽرويو جي ٽائمنگ ڏاڍي اهم آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته پاڪستان اهو واحد ايٽمي ملڪ آهي، جنهن پنهنجو ايٽمي پروگرام انجام تائين پهچايو، ان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، متحرمه بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ ڊاڪٽر عبدالقدير جهڙن ماڻهن حصو ورتو، هاڻ انٽرويو ۾ انهن سڀني ماڻهن جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته مشرف جو انٽرويو وقت جي لحاظ سان وڏي اهميت وارو آهي، آمريڪا پاڪستان کي ڪڏهن به ايٽمي طاقت نٿو سمجهي ۽ انهيءَ جي ڪري غير يقيني صورتحال ڪندو رهيو.

اي پيپر