سعودي عرب سميت سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ عيدالاضحيٰ ملهائي وئي

رياض(م ڊ) سعودي عرب سميت نار ملڪن، آمريڪا، يورپ، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪروڙين مسلمان اڄ عيد الاضحيٰ انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن. سعودي عرب سميت نار ملڪن، آفريقا، آمريڪا، يورپ، اسٽريليا ۽ ٻين مختلف رياستن ۾ آباد ڪروڙين مسلمان عيدالاضحيٰ جو تهوار انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن. سعودي عرب ۾ عيد نماز جا سڀ کان وڏا اجتماع مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ ٿيا، جنهن بعد مسلمانن سنت ابراهيمي عليه السلام تي عمل ڪندي الله جي رضا جي لاءِ جانورن جي قرباني ڪئي ۽ سڄي دنيا ۾ عيد نماز جي اجتماعن ۾ مسلمانن مسلم امت جي اتحاد ۽ سربلندي جي لاءِ خاص دعائون ڪيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *