ٽرمپ جو بيان ڳڻتي جو سبب ۽ تذليل ڀريو آ، پارليامينٽ هڪ زبان ٿي آمريڪا کي پيغام ڏئي: چوڌري نثار
August 31, 2017 at 8:40 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر چوڌري نثار چيو آهي ته آمريڪي صدر جو بيان پاڪستان جي لاءِ ڳڻتي جو سبب ۽ تذليل جوڳو آهي اسان کي ان بيان کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي ۽ پارليامينٽ کي هڪ زبان ٿي دنيا کي پيغام ڏيڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي بحث ڪندي چوڌري نثار پننهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ پاڪستان جو گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي ۽ گهيرو تنگ ڪرڻ ۾ اهڙا ماڻهو ملوث آهن جيڪي اسان جي وهم ۽ گمان ۾ به ناهن. هن گڏيل اجلاس گهرائڻ جي تجويز سان اتفاق ڪندي چيو ته آمريڪي صدر وٽ جيڪڏهن ڪو به ثبوت آهي ته هو سامهون آڻي، هاڻ جڏهن محفوظ پناهه گاهون ناهن ته آمريڪا الزام لڳائي رهيو آهي ۽ جڏهن پاڪستان ۾ محفوظ پناهه گاهون هيون ته آمريڪا فوجي آمرن کي ڊالر ڏيندو هو. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر بيانو تيار ڪري ۽ بيانو هڪ هجڻ گهرجي، پارليامينٽ عوام جي نمائندگي ڪندو آهي، پارليامينٽ عوام، حڪومت هڪ زبان سان ڳالهائي، هڪ بيانو بڻائي قائم رهڻ گهرجي، اسان محاذ آرائي نٿا چاهيون. هن وڌيڪ چيو ته افغان سرحد تي دهشتگردن جون گهٽ ۾ گهٽ 10 محفوظ پناهه گاهون آهن، آمريڪا ڊالرن جي ڳالهه ان ڪري ڪندو آهي ڇو ته اسان جو رڪارڊ درست ناهي.