ڪراچي(م ڊ)وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ايل اين جي ٽرمينل جي تعمير کان پوءِ هن وقت تائين ايل اين جي جا 100 جهاز هتي اچي چڪا آهن ۽ اهو ئي پاڪستان کي گيس فراهم ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو بڻجي چڪو آهي. پورٽ قاسم تي ايل اين جي ٽرمينل جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته ماضي ۾ ايل اين جي پاڪستان ۾ آڻڻ جون سرڪاري ڪوششون ناڪام رهيون پر اسان حڪومت ڪري ڏيکاريو ، ايل اين جي ٽرمينل منصوبو 330 ڏينهن جي ريڪارڊ محدود وقت ۾ مڪمل ڪيو ويو ۽ اميد آهي ته وڌيڪ ٽرمينلز به جلد مڪمل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ايل اين جي کي آڻڻ لاءِ ٻن پارٽين ٻولي ڏني هئي، ايل اين جي جي ٻوليءَ جو عمل شفاف نموني سان مڪمل ڪيو ويو، ٺيڪو ڏيڻ جي 4 مهينن کان پوءِ منصوبي تي عمل شروع ڪيو ويو ۽ ايل اين جي ٽرمينل پاڪستان کي گئس فراهم ڪندڙ هڪ تمام وڏو ذريعو بڻجي چڪو آهي.