ڪابل( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر افغان طالبان جي قيادت ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ موجودگيءَ جو الزام هنيو آهي. افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل جان نڪلسن افغان ٽي وي کي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته دهشتگردن ۽ باغين جي حمايت کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته آمريڪا افغان طالبان قيادت جي ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ موجودگيءَ کان باخبر آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪي ۽ افغان حڪومت ۾ طالبان قيادت جي پاڪستان ۾ موجودگيءَ تي ڳالهيون ٿيون آهن.جنرل جان نڪلسن چيو ته آمريڪي ۽ پاڪستاني حڪومت ۾ مسئلو حل ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون آهن. هن يو ته افغانستان کان ٻاهر دهشتگرديءَ جي ٿاڪن جو مسئلو نهايت سنگين آهي، جنهن کي حل ڪرڻو پوندو. واشنگٽن پوسٽ کي انٽرويو ڏيندي جنرل نڪلسن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستاني فوج ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ نقصان برداشت ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ بهادري ۽ حوصلي سان ويڙهه ڪئي آهي. جنرل جان نڪلسن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي نئين صورتحال بيان ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن جي تاريخ جي نازڪ ترين موڙ تي پهچي چڪا آهن جنهن کي واشنگٽن کان وٺي اسلام آباد تائين سنڀالڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان آمريڪا تي حملو ڪرڻ لاءِ افغانستان ۾ موجود آهيون، اهو سبب آهي ته نائن اليون کانپوءِ آمريڪا تي ڪو وڏو حملو نه ٿيو آهي، طالبان حڪومت القاعده کي پناهه ڏيڻ سبب ختم ڪئي وئي. جنرل جان نڪلسن چيو ته القاعده ۽ طالبان جنگ جي ميدان ۾ هڪ ٻي جي مدد ڪندا آهن، افغانستان ۾ طالبان جي واپسي جو مطلب القاعده جي واپسي آهي، القاعده جي واپسيءَ جو مطلب آمريڪا جي سلامتي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ موجودگيءَ جو هڪ سبب اهو آهي ته 16 سالن ۾ وڌيڪ دهشتگرد گروپ بڻجي ويا آهن جنهن جو مثال داعش آهي، خراسان بنيادي طور پاڪستانين تي ٻڌل آهي، ٽي ٽي پي سان تعلق رکندڙ پشتونن ۽ اسلامڪ موومينٽ ازبڪستان اها تنظيم ٺاهي آهي جيڪا هاڻي افغانستان جي علائقن تي قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، آمريڪا ۽ افغان اسپيشل فورسز گڏيل آپريشن ۾ داعش جي پهرين نمبر جي اڳواڻن سميت اڌ کان وڌيڪ فري طاقت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، طالبان سبب داعش وجود ۾ آئي، جيڪڏهن طالبان واپس اچي ويا ته داعش ۽ القاعده ٻئي وڌي وينديون.