خيرپور(ڳالهه ٻولهه شاهد نواز سيال) گذريل 35 سالن کان سياست ثقافت ۽ ٻولي لاءِ جدوجهد ڪندڙ لاڙڪاڻو واسي خاتون دانشور ۽ شاعره شاهده کوکر چيو آهي ته عورت جا سڀئي روپ عظيم آهن ، رب سائين عورت کي ڪائنات ۾ هڪ تخليقار ڪري پيدا ڪيو آهي جيڪا ٻين رشتن کان وڌيڪ عظيم ۽ پيارو ماءُ جهڙو رشتو به رکي ٿي .نواءِ سنڌ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي غزل گو، شاعره ، ڪهاڻيڪار ۽ پ پ ڪلچرل ونگ جي جاکوڙي ورڪر شاهده کوکر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عورتن جو عاملي ڏينهن ملهائڻ سان ڪڏهن به مرد جي حيثيت ۽ اهميت گهٽ نه ٿيندي آهي ۽ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ سان گڏ مردن جو عالمي ڏهاڙو به ملهائڻ ضروري آهي ڇو ته مرد به عظيم ۽ مهان هوندو آهي ، هن چيو ته مان 1989 کان شاعري ڪيان پئي ، ان کان اڳ ۾ ڪهاڻي جي صنف ۾ پنهنجو پاڻ ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي ، منهنجي شاعري جا ٻه مجموعا مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن ، ۽ ٻه وڌيڪ ڪتاب اچڻ وارا آهن ، جن ۾ هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب به شامل آهي مونکي ادبي پورهي عيوض ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن پاران مڃتا طور ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن . پر ان کان وڏو اعزاز منهنجي لاءِ اهو آهي ته سنڌي ٻولي جا سڀئي ادارا منهنجي شاعري کي شايع ڪري پڙهندڙن تائين پهچائن ٿا ، منهنجي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ ۾ سنڌ جي سدا حيات فنڪار سرمد سنڌي ، غلام شبير سمون ، فرزانا پروين فياض جويو ۽ ٻين سريلن فنڪارن ڳائي مون تي احسان ڪيا آهن . سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن بابت پچيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻي سنڌي ادب ۾ عورتن جي باقائده نمائندگي آهي ۽ شاعرائن جو انگ به وڌيڪ آهي . هن دعوا ڪندي چيو ته مان لاڙڪاڻي ضلعي جي واحد ڇوڪري آهيان جنهن صحافت ۾ ايم اي جي ڊگري ڪئي آهي ۽ گڏو گڏ مون سنڌي ادب اڪانامڪس ۽ اسلامڪ ڪلچر ۾ پڻ ايم اي ڪئي آهي . هن چيو ته منهنجي نظر ۾ صحافت هڪ عظيم ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ وارو شعبو آهي ، جهڙي نموني هڪ شاعر رنگ نسل ذات پات ۽ سرحدن کان مٿاهون ٿي سوچي ٿو اهڙي نموني هڪ صحافي به سڄي ڪائنات جو اثاثو هوندو آهي ، جنهن جي اندر حساس جذبا ، سچ چوڻ جي جرئت ۽ وسيع ڪئنواس تي شين کي محسوس ڪرڻ جي سگهه هوندي آهي ،صحافت هر دوُر ۾ مظلومن جو آواز ثابت ٿي آهي ، سچو صحافي اهو ئي آهي جيڪو سماج جي دردن کي ڪنهن لالچ لوڀ ۾ نه وڪڻي . هن چيو ته مان هر 25 آڪٽوبر تي پنهجي سالگره لاڙڪاڻي ۾ ملهائيندي آهيان ، اوهان جون ڪهڙيون حسرتون پوريون ٿيون ۽ ڪهڙيون نه ٿيون ، واري سوال جي جواب ۾ ان چيو ته حسرتن ۾ ايندي زندگي حسرت بڻجي وئي . بس اهو ئي چاهيان پئي ته زندگي ڪنهن جي محتاج نه رهي عزت ۽ صحت سان ڀرپور حياتي گذري . اسان جي سنڌي ادب ۾ اڄ ڪلهه جيڪي به نوجوان شاعر پنهنجي ڏات چمڪائي رهيا آهن سي تمام بهترين لکن پيا پر منهنجو انهن لاءِ پيغام آهي ته اهي شاهه عبدالطيف ، شيخ اياز ، استاد بخاري ، کي پڙهن ڇو ته اهي ادب جون درسگاهون آهن ، ان کان علاوه اسان جي سنڌ جا سڀ شاعر تمام سٺو تخليقي ڪم ڪن ٿا .