آمريڪا جي پاڪستان کي نان نيٽو اتحادي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڌمڪي

واشنگٽن (اين اين آءِ)امريڪي پاڪسان جي امداد روڪڻ ۽ نان نيٽو اتحادي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. امريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن واشنگٽن ۾ افغان پاليسي تي ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان نان نيٽو اتحآدي آهي ۽ امريڪي فوج سان ويجھا لاڳاپا به آهن، جيڪڏهن پاڪستان اهڙي طرح دهشتگردن کي پناهه ڏيندو رهيو ته پاڪستان جي نان نيٽو اتحآدي حيثيت خطري ۾ پئجي سگھي ٿي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردن کي نه صرف ٺڪاڻا ڏئي رهيو آهي پر انهن ٺڪاڻن ۾ ملڪ کان ٻاهر امريڪي فوجين تي حملا ۽ افغان امن ڪوشش جي خلاف منصوبا به ٿيندا آهن، ان لاءِ جيڪڏهن دهشتگردن جي ٺڪاڻا ختم نه ٿيا ته پاڪستان سان لاڳاپا متاثر ٿي سگھن ٿا. امريڪي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن جو دارومدار دهشتگردن سان منهن ڏين جي نتيجن تي هوندو ۽ ان لاءِ پاڪستان کي پنهنجي بهترين مفاد ۾ فيصلو پاڻ ڪرڻون پوندو، هن چيو ته امريڪا جا هميشا سان پاڪستان جا سٺا لاڳاپا رهيا جڏهن چند سالن کان اعتماد جي فضا متاثر ٿي آهي، جڏهن ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ختم ٿيڻ جو وڌيڪ فائدو پاڪستان کي پوندو. ريڪس ٽلرسن امريڪي صدر ٽرمپ جو موقف واضع ڪندي چيو آهي ته جتي دهشتگرد هوندا ته حملا ڪنداسين، دهشتگردن کي پناهه ڏين وارن کي نوٽيس تي رکيو آهي. دهشتگردن کي تحفظ ڏيڻ وارن سان منهن ڏينداسين. اهڙي طرح امريڪا هلندڙ سال پاڪستان جي 35 ڪروڙ ڊالر جي فوجي امداد به روڪي ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *