يارهين ڪلاس ۾ داخلا جو عمل وقت تي مڪمل ڪيو وڃي : ڄام مهتاب ڏهر

ڪراچي (اين اين آءِ) صوبائي تعليم واري وزير ڄآم مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته ڪراچي ۾ 11 ڪلاس ۾ داخلا جو عمل وقت تي مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن شاگردن جو قيمتي وقت ضايع نه ٿئي ۽ داخلائن جي عمل کي وقت تي مڪمل ڪرڻ لاِءَ سمورا قدم کنيا وڃن اها ڳالهه هن پنهنجي آفيس ۾ اجلاس صدارت ڪندي ڪئي. هن چيو ته ڪراچي ۾ فرسٽ ايئر جي داخلا جي لاءِ ڪيپ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ سموري داخلا ميرٽ جي بنياد تي ڪئي ويندي، صوبائي وزير ٻڌايو ته تعليم کاتي اسڪول جي استادن جو هڪ پراڻو مطالبو پورو ڪري ڇڏيو آهي ۽ استادن کي ٽائيم اسڪيل ڏئي رهيا آهيون هاڻي استادن جي ذميواري آهي ته هو پنهنجا فرض وڌيڪ تيزي سان انجام ڏين. هن چيو ته تعليم کاتو هيڊماسترن ۽ مضومن جي ماهرن استادن جي تازي ترقي ۾ ٿيندڙ بيقاعدين جو نوٽيس وٺندي انڪوائري ڪميٽي جوڙي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *