چين آمريڪا جي پاڪستان تي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

بيجنگ(م ڊ ) چين پاڪستان خلاف آمريڪي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، عالمي برادريءَ کي سندس قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن تي رهيو آهي، خطي ۽ عالمي امن لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي سهڪار تي خوش آهيون. هن چيو ته پاڪستان چين دوست، ويجها سفارتي، اقتصادي ۽ سڪيورٽي لاڳاپا رکن ٿا، عالمي برادريءَ کي پاڪستان جي دهشتگرديءَ جي خاتمي جي قدمن کي قبول ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته کين اميد آهي ته آمريڪي پاليسيون خطي ۽ افغانستان جي استحڪام توڙي ترقي لاءِ هونديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *