عوام بلاول ڀٽو کي اميد جي ڪرڻ سمجهي ٿي: آصف علي زرداري
August 22, 2017 at 7:29 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي قوم کي هڪ ڀيرو ٻيهر نوجوان قيادت ڏني آهي ۽ عوام بلاول ڀٽو کي اميد جي ڪرڻ سمجهي ٿي. بلاول هائوس لاهور ۾ آصف زرداري سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن نيلم جبار، بشير رياض، عبدالقادر شاهين، قيوم سومري، عزيز الرحمان چن ۽ ٻين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته قوم جو هر طبقو بلاول ڀٽو جي قيادت تي اعتماد ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڻ کي ليڊر چوندڙ مصنوعي سياستدانن جي چهرن تان چمڪ لهي چڪي آهي. هن چيو ته نواز شريف ملڪي معيشت تباهه ڪئي، هاري ۽ مزدور تباهه ٿي ويا، پنهنجا کيسا ڀرڻ جي لاءِ مسلم ليگ ن جي حڪومت ڊالر جي مصنوعي قلت پيدا ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جمهوريت کي مضبوط ۽ نواز شريف کي ڪمزور ڪيو، اسان ميثاق جمهوريت تي عمل ڪندا آهيون.