نئي دهلي (اين اين آءِ)دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته انڊيا ۽ چين جي گڏيل آبادي اڍائي ارب کان وڌيڪ آهي جيڪڏهن ان ۾ پاڪستان جي 20 ڪروڙ آبادي کي شامل ڪيو وڃي ته ان ٽنهي ملڪن جي آبادي دنيا جي آبادي جو 40 سيڪڙو ٿيندي. انڊيا، چين ۽ پاڪستان ٽئي ملڪ جوهري هٿيارن سان ڀريل آهن. جيڪڏهن اهي ٽئي ملڪ ڪهڙي به طرح جنگ ۾ شامل ٿي ويا ته دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي متاثر ٿيندي. ڀارتي ٽي وي جي مطابق ماهرن جو چوڻ آهي ته انڊيا ۽ چين جي وچ ۾ جنگ ۾ پاڪستان غير جانبدار نه ٿو رهي سگھي ان ڪري پاڪستان جو ڪردار ڪافي اهميت رکي ٿو. منوهر پاريڪر چيو آهي ته انڊيا کي خود اڳرائي نه ڪرڻ جي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.ياد رهي ته انڊيا جي دفاع واري وزير هڪ اهڙي وقت تي سامهون آيو جڏهن انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪشيدگي عروج تي آهي. هلندڙ سال ڀوٽان جي متنازع علائقي ۾ چيني فوجين جي آمد سان انڊيا ۽ چين جا تعلق ڪشيده آهن. چين جي ميڊيا جي ذريعي چين طرفان ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ڊسمبر 2016 ۾ ڀارت ڪاميابي سان آگئي V ميزائيل جو تجربو ڪيو، هي هڪ براعظمي بيليسٽڪ ميزائيل آهي، جنهنجي رينج ساڍا پنج هزار کان 8000 ڪلوميٽر تائين آهي. رپورٽ جي مطابق پاڪستان وٽ جوهري هٿيارن جي تعداد گڏيل طور تي 120 کان 130 آهي جڏهن ته انڊيا جي جوهري هٿيارن جي تعداد 110 کان 120 جي وچ ۾ آهي. جڏهن ته چين وٽ 270 جوهري هٿيار آهن. ماهرن جي مطابق جيڪڏڏهن چين ۽ انڊيا جي وچ ۾ جنگ ٿيندي ته تمام جديد جنگ ٿيندي ۽ اها جنگ صرف زميني نه هوندي پر آسمان ۽ سمنڊن ۾ به ان جي گرمي محسوس ڪئي ويندي. هوا ۾ ميزائيل ۽ ويڙهاڪ جھازن جي گونج هوندي، ڪجھه ماهرن جو چوڻ آهي ته جغرافيائي طور تي سٺي جڳهه هئڻ جي ڪري سمنڊ ۾ انڊيا کي فائدو حاصل هوندو ۽ هو اهڙي طرح چين جي معيشت کي متاثر ڪري سگھي ٿو.