ايم ڪيو ايم باني کي به ڪلڀوشن جهڙي سزا ڏني وڃي: سهيل انور سيال

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گهرو وزير سهيل انور سيال ايم ڪيو ايم باني جي ڀيٽ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو سان ڪندي کيس ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته دهشتگردن ۽ ملڪ جي غدار سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي، هن واضح لفظن ۾ چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو ۽ ايم ڪيو ايم باني کي ملڪ سان غداري جي ڏوهه پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب هڪ جهڙي سزا ڏني وڃي. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو ۽ ايم ڪيو ايم باني جو پاڪستان ۾ هڪ جهڙو ئي ڪردار رهيو، تنهن ڪري ٻئي ڄڻا ساڳي سزا جا حقدار آهن. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي آپريشن لاءِ صوبائي حڪومت کي فنڊ نه پئي ڏئي، آپريشن کان اڳ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته ان جو اڌ خرچ سنڌ حڪومت ۽ اڌ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. سهيل انور سيال چيو ته سنڌ حڪومت محدود وسيلن باوجود ڪراچي آپريشن ڀرپور طريقي سان جاري رکيو ۽ اڳتي به جاري رهندو. نواز شريف جي نااهلي بابت ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته پ پ سدائين جمهوريت جو ساٿ ڏنو آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اها نواز شريف سان گڏ آهي، ن ليگ جي وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت آهي پر پوءِ به اهي چون ٿا ته ساڻن زيادتي پئي ٿئي، اهي ٻڌائن ته ساڻن زيادتي ڪير پيو ڪري؟.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *