حيدرآباد (بيورو): پيپلز پارٽي اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته نيب ۾ بهتري جي ضرورت آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته نواز شريف سڄي عمر لاءِ نااهل ٿي ويو آهي، هن چيو ته وفاق 4 سال اڳ ٿر لاءِ هڪ ارب رپين جو اعلان ڪيو هيو، انتظار ۾ آهيون، وفاق طرفان موجوده اعلانيل 25 ارب ڪڏهن ملندا، ڏسنداسين.