لاهور( م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سينيٽ چيئرمين رضا رباني جي گرينڊ نيشنل ڊائيلاگ بابت تجويز کي رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته گرينڊ نيشنل ڊائيگلا جو حقيقي فورم پارليامينٽ آهي. لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪنهن هڪ شخص کي بچائڻ لاءِ ڪهڙو گرينڊ ڊائيلاگ ڪيو وڃي؟ هن چيو ته عدليه فيصلو ڪري ڇڏيو ته نواز شريف قبول ڇو نه ٿو ڪري؟ سندس چوڻ هو ته اسان به هڪ وزيراعظم کي هٽائي ٻيو آندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته جمهوري عمل کي هلڻ ڏنو وڃي، نواز شريف ته پرويز مشرف سان ڊيل ڪري پرڏيهه ويو، جيل ته مان ڀوڳيو آهي. هن چيو ته ٿورو اشارو ڏيون ٿا ته پرويز مشرف کان سڀ ڪجهه وٺي وڃون ها، هميشه سياسي طاقتن سان گڏ بيٺس ۽ کين گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ هو ته غير سياسي طاقتن کي خوش ڪرڻ لاءِ نواز شريف ملڻ کان انڪار ڪيو هو. آصف علي زرداري چيو ته نواز شريف جي اها سوچ خطرناڪ آهي ته مان نه آهيان ته جمهوري عمل به ناهي. هن چيو ته رضا رباني آزاد دانشور ۽ سينيٽ چيئرمين آهي. آصف علي زرداري چيو ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ اعتزاز احسن منهنجو آواز آهي.