ڪراچي (اين اين آءِ)فيڊرل بورڊ آف روينيو انفرادي ۽ حصيداري ايسو سي ايشن آف پرسن جي لاءِ نئون ۽ حتمي انڪم ٽيڪس گوشوارو فارم 2017 جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پ اڪستاني شهرين کي آفشور ڪنمپنين يا سمنڊ پار ٻين ذريعن مان حاصل ٿيندڙ سموري قسم جي آمدني کي ظآهر ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. سال 2017 جي لاءِ جاري ٿيندڙ ان نئين انڪم ٽيڪس گوشواري فارم ۾ پرڏيهه ۾ نوڪري جڳيهون ڪرائي تي، ڪاروبار ۽ ٻين قسمن جي سيڙپڪاري مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي به ظاهر ڪرڻ لازمي قرار ڏنو آهي، ايف بي آر ملڪ ۾ صوبائي خدمتون زراعت ٻين ذريعن مان حاصل ٿيندڙ امڊني ي نئين انڪم ٽيڪس گوشوارن ۾ ظاهر ڪرڻ به لازمي قرار ڏنو آهي . ايف بي آر جي انلينڊ روينيو پاليسي جي هڪ اعليٰ آفيسر ٻڌايو ته ان گوشواري فارم تي سموريون نيون شقون شامل ڪيون ويون آهن جن کي پارليامينٽ مان فنانس بل جي ذريعي منظور ڪرايو ويو هو. هن ٻڌايو ته سمورا آمدني جا ذريعا ۽ اهي سموريون اهم ادائيگيون جنکي انڪم ٽيڪس جو قانون لاڳو ڪري ٿو انکي ان فارم ظاهر ڪرڻ جي گنجائش رکي وئي . ان سبب اهو فارم ايڏو ڊگھو ٺهيو آهي.