ڪمانڊر اِن چيف حڪم ڏئي ته ايجنسي وارا ڪنهن سان به نه ملن: محمود خان اچڪزئي
August 18, 2017 at 10:36 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ڪمانڊر ان چيف حڪم ڏئي ته ايجنسي وارا ڪنهن سان به نه ملن ۽ جيڪو شخص ايجنسين سان ملندو هجي ان کي پارٽي مان ڪڍيو وڃي. اچ ۽ وڃ سميت سموريون پاليسيون پارليامينٽ ۾ بڻجڻ گهرجن، فوج جو جيڪو به شخص آئين کي مڃي ٿو ته ان کي منهنجو سليوٽ آهي، جيڪو آئين ۽ پارليامينٽ کي مڃي زندهه آباد، جيڪو نٿو مڃي ان کي اسان به نٿا مڃون. پارليامينٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته فيصلو ڪرڻو پوندو ته جيڪو شخص ايجنسين سان ملندو هجي ان کي پارٽي مان ڪڍيو وڃي، فيصلو ڪرڻو پوندو ته جاسوسي جي ادارن جو پارليامينٽ جي معاملن ۾ عمل دخل نه هجي، فيصلو ڪيو ته پارليامينٽ کي مضبوط بڻايون، ان سان ملڪ ۽ جمهوريت اڳتي وڌندي. خورشيد شاهه ۽ مولانا فضل الرحمان سميت سمورا ميمبر پارليامينٽ کي مضبوط بڻائن، منهنجو ڪنهن سان به جهيڙو ناهي پر اهو آئين جي تحت ملڪ جي مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪمانڊ اِن چيف حڪم ڇو نٿو ڏئي ته ايجنسي وارا ڪنهن ميمبر سان نه ملن، جيڪو تماشو ٿيندو آهي ان جي خبر پوندي آهي ته ايجنسي وارا ڪندا اها ڪهڙي مذاق آهي؟ فوج جو جيڪو به شخص آئين کي مڃي ٿو ان کي سليوٽ آهي.