ميان صاحب ايجنسين سبب اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندو رهيو آهي: قمر زمان ڪائره

اسلام آباد (بيورو): پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته ميان صاح اڄ چوي ٿو ته نوٽيس ناهي مليو، سڀاڻي بيماري جو بهانو هوندو، ٻئي ڏينهن ڪجهه ٻيو هوندو، ووٽ جو تقدس پامال ڪندڙن ۾ ميان صاحب به شامل هيو، هن چيو ته ميان صاحب ذاتي طور تي حڪومت هلائيندو آهي، ميان صاحب ادارن سان به ذاتي لاڳاپا بڻائيندو آهي، اسان کي ڪنهن فرد سان ڳالهه ڪرڻ جو ڪو شوق ناهي، پارٽي جي سطح تي ڳالهيون ڪنداسين، هن چيو ته عدالت درخواست کي ناقابل سماعت قرار ڏئي خارج ڪيو، هن چيو ته هاءِ ڪورٽ عدليه مخالف تقريرن تي نواز شريف خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، مقامي وڪيل نواز شريف خلاف ڪارروائي لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، هن چيو ته درخواست ۾ ميڊيا کي نواز شريف جي ڪوريج کان روڪڻ جي استدعا به ڪئي وئي هئي، هن چيو ته هاڻي قوم کي وڌيڪ بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي، فيصلو نه اچي ها ته سڀ ڪجهه بهتر هيو، عمران خان سان گڏ الزام لڳائيندڙ ماڻهو آهن، قمر زمان ڪائره چيو ته پيپلز پارٽي سان گڏ مائنس ون نٿو ٿي سگهي، اڄ ڪنهن نظام کي ناهي ڇيڙيو، ميان صاحب کي ان جي ڪيل ڪم سبب هٽايو ويو، اچڪزئي جي تقرير ۾ ڪجهه نئون ناهي، پيپلز پارٽي عوام وٽ پنهنجو منشور کڻي ويندي، هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه مفاهمت طرف وئي آهي، اسان سمورين سياسي قوتن کي گڏ کڻي پاليسيون بڻائيندا آهيون، ميان صاحب کي سندس ڏوهن تي الڳ ڪيو ويو، هن چيو ته نظام بهتري طرف وڃي رهيو آهي، عوام وٽ پنهنجو ڪيس کڻي وينداسين، پارليامينٽ مادر جمهوريت جو خطاب نصرت ڀٽو کي ڏنو، پيپلز پارٽي وچ پنجاب جي صدر قمر زمان ڪائره ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميان صاحب نوٽيس ملڻ باوجود نيب ۾ پيش ناهي ٿيو، ميان صاحب ايجنسين سبب اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندو رهيو آهي، هن چيو ته ميان صاحب خلاف فيصلو ايندي ئي سسٽم ۽ نظام خراب ٿي يوو، اسان ايندڙ اليڪشن جي تيارين ۾ مصروف آهيون، ن ليگ جو ربيو قبضه گروپ وارو آهي، نواز شريف سدائين اسان جو مينڊيٽ کسيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *