آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردن جو مستقبل تباهه نه ڪيو وڃي:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آهي ته نيب کي ڪرپشن ڪيس ۾ گهربل ايم پي ايز ۽ وزير استعيفائون ڏئي لٽيل دولت واپس ڪن. آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردن جو مستقبل تباهه نه ڪيو وڃي. ملير ۾ قتل ڪيل معصوم نينگر صبحان جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن. هن اهڙو اظهار بي 48 پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ سانگهڙ ۽ ٻين علائقن مان آيل خادم حسين ڪٽوهر، يار محمد پليجو، سجاد جتوئي، امتياز ناهيون ۽ ولي محمد ناريجو سان ڳالهائيندي ڪيو. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته عوام جا اربين روپيا لٽيندڙن کان ٻه اڍائي ڪروڙ وٺي کين پاڪ صاف ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪري نيب کي ڪرپشن ۾ گهربل سمورن ايم پي ايز ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪيو وڃي. صحت کاتو آصفه ڊينٽل ڪاليج جي رجسٽريشن جو معاملو حل ڪري شاگردن کي هائوس جاب ڪرڻ جي اجازت ڏئي. هن چيو ته پوليس ۾ مداخلت جي ڪري سنڌ جي شهرن ۾ ٻيهر بدامني وڌي رهي آهي. حيدرآباد ۾ ايڪسين ورڪس ۽ ٻين ڪامورن کي ڌمڪيون ڏيندڙ ڀتاخور، پلاٽن تي قبضا ڪندڙ ۽ مختلف ڪمن جا ٺيڪا کڻي ڪرپشن ڪندڙ آهن، پ پ اڳواڻ هجڻ ڪري انهن کي غنڊاگردي ۽ دهشتگردي ڪرڻ ڏني پئي وڃي. دڙو شهر ۾ اقليتي برادري جي مساڻ قبرستان تي پ پ وڏيرن قبضو ڪرايو آهي، عدالت سڄي سنڌ ۾ غنڊا راڄ جو نوٽيس وٺي. ڪامورن کي ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ قبضا ڪندڙن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري انور سومرو، سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون، اشرف پليجو، روشن ڪنراڻي، عدنان بروهي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *