اسلام آبا(بيورو)د: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ڏکڻ پنجاب جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي، مسلم ليگ (ن) عوامي خدمتن لاءِ پرعزم آهي انهي لاءِ قومي اسيمبلي ميمبر پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ پوري جذبي ۽ ولولي سان ڪم ڪن. هن اها ڳالهه بهاولپور ڊويزن سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي اسيمبلي ميمبرن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي پنهنجي تڪن جي ترقياتي منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، وزيراعظم چيو ته حڪومت ڏکڻ پنجاب جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن وزيراعظم آفيس کي هدايت ڪئي ته هو ايس ڊي جي فنڊز مان خاص طور تي بجلي ۽ گئس جي اسڪيمن ۽ عام طور تي علائقي جي ٻين منصوبن جي لاءِ فوري طور تي فنڊ جاري ڪري. وزيراعظم چيو ته هو ترقياتي منصوبن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندو ۽ علائقي جا قومي اسيمبلي ميمبر عوامي شڪايتن جي حل لاءِ هن سان ڪنهن به وقت رابطو ڪري سگهن ٿا. بين الصوبائي رابطن وارو وزير رياض حسين پيرزاده، صنعت ۽ پيداوار وارو مملڪتي وزير ارشد خان لغاري، قومي اسيمبلي ميمبر مخدوم سيد علي حسن گيلاني، سيد محمد اصغر، طاهر بشير چيمه، شيخ فياض الدين، مخدوم خسرو بختيار، ميان امتياز احمد، محترمه زيب جعفر، مائزه حميد ۽ صبحيه نذير به ان موقعي تي موجود هئي. پارلياماني معاملن وارو وزير شيخ آفتاب احمد به ملاقات ۾ شريڪ هو.