جيڪو اسان جي وطن سان محبت تي شڪ ڪري ٿو اسان ان تي شڪ ڪيون ٿا: فاروق ستار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو اهي ته پاڪستان جي يوم آزادي جي موقعي تي لنڊن مان پاڪستان سان کليل جنگ جو اعلان ڪيو ويو ۽ پاڪستان جو پرچم پڻ ساڙيو ويو، جنهن تي انتهائي صدمو رسو آهي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان منهنجي نالي سان رجسٽرڊ آهي ۽ اسان جي پارٽي جي ڪارڪنن پهرين ئي ڪراچي اندر ملڪي پرچم ڦڙڪايا ۽ يوم آزادي جي تقريبن ۾ ڀرپور جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي، پر ڪجهه گمراهه ماڻهو مهاجر قوم جي نالي کي بدنام ڪري رهيا آهن ۽ يوم آزادي جي موقعي تي ڪارا جهنڊا لهرايا ويا. جهنڊا ساڙيا ويا، جن جي مذمت ڪريان ٿو، هن چيو ته جيڪو به اسان جي حب الوطني تي شڪ ڪندو اسان ان جي حب الوطني تي شڪ ڪنداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *