ضابطي ڪار تي عمل نه ڪندڙ بئنڪ مئنيجر ۽ سڪيورٽي ڪمپني خلاف ڪارروائي ٿيندي: صوبائي گهرو وزير
August 18, 2017 at 8:23 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور خان سيال جي صدارت هيٺ بئنڪن ۾ ڌاڙن جي وارداتن کي روڪڻ جي حوالي سان پاليسي تيار ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ هوم سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي سميت ايڊيشنل آئي جي سي ٽي ڊي ۽ سمورن ڊي آئي جيز، بئنڪ نمائندن، سي پي ايل سي ۽ آل پاڪستان سيڪورٽي ايجنسيز ايسوسيئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان مسلسل ٿيندڙ بئنڪ ڦرن تي ان کي سخت ڳڻتي آهي ۽ ان ئي حوالي سان سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز ۽ پوليس آفيسرن جو اجلاس گهرايو ويو آهي ته جيئن صورتحال کي ٻنجو ڏئي سگهجي. گهرو وزير کي بريفنگ ڏيندي اسٽيٽ بئنڪ جي نمائندي ٻڌايو ته مرڪزي بئنڪ پاران سمورن ڪمرشل ۽ خانگي بئنڪن جو سيڪورٽي آڊٽ باقاعدگي سان ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ٿو ته سمورن بئنڪن ۾ سيڪورٽي جو مناسب انتظام ڪيو ويو هجي. صوبائي وزير ان موقعي تي چيو ته سنڌ حڪومت پاران پوليس ۽ سيڪورٽي ادارن کي واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته سرڪاري ۽ خانگي بئنڪن جي تحفظ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي ۽ اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل حفاظتي اپائن جو سموريون بئنڪون بندوبست ڪن. ٻي صورت ۾ ڌاڙي جي صورت ۾ بئنڪ مينيجر ۽ سيڪورٽي ڪمپني خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. هن بئنڪ تي مقرر محافظن جي ٽريننگ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ته پنهنجي پوليس آفيسرن کي بئنڪن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ سخت هدايتون جاري ڪري رهي آهي پر بئنڪ مالڪ ۽ سيڪورٽي ڪمپنين جي به ذميواري آهي ته اسٽيٽ بئنڪ پاران مرتب ڪيل حڪم نامي جي تعميل ڪئي وڃي. سهيل انور سيال خاص هدايت ڪئي ته بئنڪ کي محافظ فراهم ڪندڙ سيڪورٽي ڪمپنيون ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته سيڪورٽي گارڊز جي باقاعده تربيت ۽ ريفريشر ڪورسز جو اهتمام ڪيو وڃي ۽ جيڪي بئنڪ مرڪزي بئنڪ جي سيڪورٽي هدايت تي عمل نه ڪن انهن جي نشاندهي ڪن. گهرو وزير سنڌ حڪومت پاران بئنڪ نمائندن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بئنڪ مالڪ ۽ سيڪورٽي ڪمپنين سان پاليسي ۽ مربوط حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ ڊي آئي جي سي آئي ڊي کي ذميواري ڏني وئي ۽ بئنڪ نمائندن، سنڌ پوليس، سيڪورٽي ڪمپنين تي مشتمل ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جيڪا هڪ مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي.