ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي گورنر محمد زبير ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي ڪابينا سان گڏ قائداعظم جي مزار تي جهنڊي ڦڙڪائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي ترانو پڙهيو ويو. سنڌ جي گورنر، وڏي وزير ۽ صوبائي ڪابينا، قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گل چاڙهيا ۽ دعا به گهري. ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو ته اڄ اسان قائداعظم محمد علي جناح کي زبردست ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان وڏين قربانين کانپوءِ اسان کي مليو آهي ۽ اسان کي پنهنجا سمورا ذاتي اختلاف وساري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه جو چوڻ هو ته 70 هين آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي قائداعظم جي مزار تي حاضري اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ سڀ کان پهريان پاڪستان ٺاهڻ بابت ٺهراءُ پاس ڪيو هو. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي گورنر جو آئيني عهدو آهي ۽ سنڌ جو گورنر پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو سندس حق آهي. ان موقعي تي مسلم ملڪن سميت ٻين ملڪن جا سفير، سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ وڏي انگ ۾ شهري به موجود هئا. بعد ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران قومي گيت ۽ ملي نغما به پيش ڪيا ويا.